ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ۾ ڳوٺ يار محمد جانوري جي رھواسي سوڀاروجانوري پنھنجي گھرواري حاڪم زادي جانوري ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته بااثر گھر تي ڪاهه ڪري ڌيءُ شيربانو کي اغوا ڪري ويا، ڪيس ٻيلي ٿاڻي تي داخل ڪرايو پر پوليس جوابدار گرفتار نه ڪيا، هن چيو ته 2 ڏينھن اڳ بااثر نياڻيءَ کي واپس ڪرڻ لاءِ نياپو موڪليو، پٽ علي شير کڏي ٻيلي پھتو ته جوابدارن ان کي به يرغمال بڻايو، ٻنون ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آھي، ھن چيو ته خدشو آهي ته ڌيءُ ۽ پُٽ کي نقصان پهچايو ويندو، نوٽيس وٺي پٽ ۽ ڌيءُ کي بازياب ڪرائي بااثرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي .