ٺٽو ( رپورٽر ) ڳوٺ دوست محمد نوحاڻي جي رھواسي پيرسن ربڏنو نوحاڻي مڪلي پريس ڪلب پھچي صحافين اڳيان دانھيندي الزام ھڻندي چيو ته ھڪ ھفتو اڳ پير پٺو اسٽاف تان ايس ايچ او گھوڙا ٻاري ۽ پوليس پوسٽ پيرپٺو جو انچارج پٽ محمد فاضل نوحاڻي، سندس ڀائٽي صابو نوحاڻي ۽ عظيم شاھ کي گرفتار ڪري کڻي وڃڻ بعد 2 ڄڻن عّظيم شاھ ۽ صابو نوحاڻي کي وڏي رشوت عيوض آزاد ڪري محمد فاضل نوحاڻي کي گم ڪري ڇڏيو آھي، ھن چيو ته پٽ جي گرفتاري کان گھوڙاٻاري پوليس لاتعلقي ظاھر ڪري ڇڏي آھي، سيشن ڪورٽ ٺٽو ۾ 491 جي درخواست داخل ڪرائي آھي، عدالت ايس ايس پي ٺٽو کي حڪم جاري ڪيو آھي ته محمد فاضل نوحاڻي جي گرفتاري ظاھر ڪري کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، پر پوليس اڃان تائين سندس پٽ جي گرفتاري ظاھر ڪري ناھي سگھي، هن چيو ته خدشو آھي ته ڪٿي پوليس پٽ کي ڪو نقصان نه پھچائي، ھن چيو ته سندس پٽ تي ڪو به الزام آھي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جيڪڏھن ڏوھاري نڪتو ته کيس سزا ڏيڻ جو حق عدالت کي آھي، پر پوليس کي ڪھڙو حق آھي جو ماڻھن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏي ٿي. ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ساڻس انصاف ڪري سندس پٽ جي گرفتاري ظاھر ڪري کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.