ٺٽو (رپورٽر ) ٺٽو پوليس منشيات سپلاءِ ڪندڙ 20 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان وڏي مقدار ۾ گٽڪو، مائو مٽيريل، پڙيون، ھڪ ڪلو کان مٿي چرس، ڪچو شراب، ھڪ رڪشا لوڊر ۽ 2 موٽرسائيڪلون پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، ان ڏس ۾ ٺٽو ايس ايس پي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻائيندي چيو ويو آھي ته ٺٽي جي مختلف ٿاڻن ٺٽو، مڪلي، ڪيٽي بندر، ساڪرو، گھارو، ڌاٻيجي، جھرڪ ۽ ٻِين هنڌن تي پوليس سي آءِ اي سان گڏجي ڪارروايون ڪندي 20 جوابدارن ذاڪر بروھي، عبدالستار بروھي، يار محمد ٻٻر، احسان گوپانگ، شعيب منگي، غلام قادر خاصخيلي، رفيق گجڙيو، شفيع بروھي، جاويد خاصخيلي، ھاشم جوکيو، ثناءُ ﷲ پٺاڻ، عبداللطيف خاصخيلي، مبين پليجو، اظھار شاهه، ظھير شيخ، اشرف راجپوت، معشوق جاکرو، نديم عرفاڻي، گل بقاءَ ۽ نواز سميجو کي گرفتار ڪري وٽانئن 3775 گٽڪو مائو، 1000 انڊين سفينا پاڪيٽ، 1010 گرام چرس، 45 ڪچي شراب جون ٿيلھيون، ھڪ لوڊر رڪشا ۽ 2 موٽر سائيڪلون پوليس تحويل ۾ وٺي گرفتار جوابدارن خلاف مختلف ٿاڻن تي ڌار ڌار گٽڪو ايڪٽ، منشيات آرڊيننس ۽ نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آھن.