ٺٽو )رپورٽر) ٺٽو پوليس پاران گٽڪي مائي ۽ منشيات وڪري توڙي سپلاءِ ڪندڙ 22 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان وڏي مقدار ۾ گٽڪو، مائي جو پڙيون، ساڍا 3 ڪلو گرام کان وڌيڪ چرس، شراب ۽ سوزوڪي پڪ اپ پوليس تحويل ۾ وٺڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ان ڏس ۾ ٺٽي جي ايس ايس پي جي ترجمان جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻائيندي چيو ويو آهي ته ٺٽي جي مختلف ٿاڻن ٺٽو، ڪينجهر، ساڪرو، گھوڙاٻاري، گھارو، ڌاٻيجي ۽ سي آئي اي ٺٽو پوليس منشيات، گٽڪي خلاف ڪارروائي ڪندي 22 جوابدارن سليم اوٺو، غلام رسول جوڻيجو، محمد عادل، الطاف عرف شاڪا بٽ، شير خان پٺاڻ، طيب جوکيو، زاهد شيخ، غلام مصطفيٰ ڪيهر، شاهد ڪيهر، اخلاق شورو، زاهد هيلايو، عزيز کڏائي، برڪت ملاح، اصغر بروهي، عمران جتوئي، عنايت الله ڪنڀار، بلاول ملڪاڻي، نظير ملڪاڻي، پنهون شيدي، فرحان چانڊيو ۽ يونس ڀٽي کي گرفتار ڪري 4560 گٽڪي مائي جو پڙيون، 316 ڪلو گٽڪو مائو مٽيريل، 3540 گرام چرس، 45 ڪچي شراب جون ٿيلهيون ۽ هڪ سوزوڪي پڪ اپ پوليس تحويل ۾ وٺي سمورن جوابدان خلاف مختلف ٿاڻن تي ڌار ڌار گٽڪي ايڪٽ، منشيات آرڊيننس ۽ نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن.