ٺٽو (رپورٽر) مڪلي ۾ پوليس اھلڪار جي پٽ ڪار ھلائڻ دوران معصوم ٻارڙي هيٺان اچي سخت زخمي ٿي پئي، سخت زخم رسڻ ڪري معصوم ٻارڙي کي ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان ڏس ۾ زخمي ٿيل مڪلي واسي معصوم ٻارڙيءَ جي والد جمال خان چيو آهي ته ساڻس وڏو ظلم ٿيو آھي مڪلي واسي پوليس اھلڪار شاھنواز پليجو جي ڇڙواڳ پٽ جي بي ڌياني سان ڪار جي هلائڻ دوران سندس 3 ورهين جي معصوم ٻارڙي سخت زخمي ٿي پئي آهي هن ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو آھي ته سندس معصوم نياڻي کي زخمي ڪندڙ اهلڪار جي پٽ کي گرفتار ڪري ساڻس انصاف ڪري نياڻي جو بھتر علاج ڪرايو وڃي.