ٺٽو ( رپورٽر ). ٺٽي ويجھو ڇتو چنڊ ۾ ٺٽو حيدرآباد قومي شاهراھ تي ٺٽي تعلقي جي 3 يونين ڪائونسلن چليا ، ڇتو چنڊ ۽ فقير جو ڳوٺ جي سوين ٻوڏ متاثرن امداد نه ملڻ خلاف قاسم ملاح ، حنيف سومرو ، رمضان ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي هتان کان لنگھندڙ سموري ٽرئفڪ معطل ڪري سخت نعري بازي ڪئي جڏهن ته مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙن خطاب ڪندي چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب هو گذريل 3 مهينن کان بک بيروزگاري سبب حفاظتي بندن تي کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن سندن هن مهل تائين ڪنهن به سار ناهي لڌي هنن چيو ته سنڌوءَ جي ٻوڏ سبب سمدم سمورا گھر ۽ انهن ۾ پيل سامان لڙهي ويو آهي ۽ هنن رڳو ٻار ڪڍي بندن تي اچي پناهو ورتي آهي هنن چيو ته هڪ پاسي ڏينهن جو سخت ڪاڙهي سبب گرمي آهي ته ٻئي پاسي رات ٿيندي مڇرن جي آزار سندن زندگي عذاب ڪري ڇڏي آهي هنن اهو به چيو ته ڪيترائي ڀيرا ضلعي انتظاميه توڙي چونڊيل نمائندن کي امداد جي فراهمي جون منٿون ۽ ايلازون ڪيون آهن پر کين هن مهل تائين نه راشن ، مڇر داني ۽ نه ئي ٽينٽ مليو آهي جنهنڪري هو بکن وگھي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن سندن معصوم ٻار ،عورتون ۽ هو پڻ علاج جي سهولت نه ملڻ ڪري انتهائي ڪسمپرسي وارين حالتن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ان موقعي تي مظاهري ۾ شامل لٺ بردار متاثرن لنگھندڙ گاڏين تي حملا ڪري گاڏين جا شيشا پڻ ٽوڙيا ٻئي پاسي پ پ ايم پي اي ۽ وڏي وزير جي خصوصي معاون سيد رياض شاھ شيرازي احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثرن سان رابطو ڪري کين امدادي سامان ڏيارڻ جي خاطري ڪرائيندي 3 ڪلاڪن کان معطل ٺٽو حيدرآباد قومي شاهراھ جي ٽرئفڪ بحال ڪرائي ڇڏي هوڏانهن ٺٽو ٿاڻي تي ٻن فريادين غلام مصطفيٰ بروهي ۽ منظور بروهي پاران پڻ مزدا ٽرڪ تي مظاهرين پاران حملو ڪري شيشا ٽوڙڻ ۽ ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستي کي بند ڪري ڳوٺاڻي صديق بروهي کي زخمي ڪرڻ جا حينف سومرو ، نواز ملاح ، بشير ملاح ، ڌڻي بخش ملاح ۽ علي محمد گھراڻو سوڌو 5 ڄاتل ۽ 25 اڻ ڄاتل ٻوڏ متاثر مظاهرين خلاف ڌار ڌار 2 ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن.