ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽو ۾ واپڊا عملي جي نااهلي سبب گهر مٿان گذرندڙ11 هزار وولٽيج تار مان ڪرنٽ لڳڻ سب آرمي پبلڪ اسڪول جي ٽيچر فوت خبر موجب ٺٽي شهر جي غني پاڙي ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جي ٽيچر رخسانه زال دلشاد غني ميمڻ ڪمبل سڪائڻ لاءِ گھر جي ڇت تي چڙهي ته 11 هزار وولٽيج جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت ٿي وئي، فوتي عورت جي وارثن موجب گھر جي ڇت مٿان گذرندڙ 11 هزار وولٽيج بجلي جي تار هٽائڻ لاءِ اسان ڪافي ڀيرا واپڊا اختيارين کي شڪايتون ڪيون پر ڪنهن به نه ٻڌي، جنهن ڪري اڄ اسان جو گهر اجڙي ويو آهي، واقعي جي ذميوار حيسڪو انتظاميه آهي، قتل ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.