ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي جي ڪرسچن ڪالوني واسي مغوي نوجوان عرفان عرف ماني مسيح جي 35 هين ڏينهن اغواءَ ڪندڙن جي چنبي مان بازيابي عمل ۾ ناهي اچي سگھي جڏهن ته مغوي نوجوان جي بازيابي لاءِ ان جي وارثن پاران پڻ بازيابي لاءِ قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ ۾ 16 هين ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري رکي مغُي جي فوري بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو آهي . پريس ڪلب ٺٽي آڏو ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھ ڀرسان قائم ڪيل احتجاجي علامتي بک هڙتالي ڪئمپ تي احتجاج ڪندي مغوي نوجوان عرفان مسيح جي والده رضيه مسيح ، پيءُ بشير مسيح ۽ ٻين چيو آهي ته سندن مغوي نوجوان عرفان عرف ماني مسيح کي اغواءَ ٿئي 35 ڏينهن ٿيا آهن،ر مغوي جي هن مهل تائين بازيابي عمل ۾ ناهي اچي سگھي، هنن چيو ته هو انتهائي غريب آهن ۽ کانئن مغوي جي بازيابي لاءِ ڀنگ طور ڳري رقم طلب ڪئي پئي وڃي هنن چيو ته هو انتهائي پريشاني واري حالتن ۾ وقت ڪاٽي رهيا آهيا جنهنڪري هو ايڏي وڏي رقم ڏئي نٿا سگھن، هنن پوليس جي اعليٰ اختيارين سميت ٻين وپس وارن کان پڻ مطالبو ڪيو آهي ته سندن مغوي نوجوان عرفان مسيح کي فوري طور تي  اغواءَ ڪندڙن جي چنبي مان آزاد ڪري سندن مايوسي جي ور چڙهي ويل چهرن تي مرڪون ءٌ خوشيون موٽائين ڏنيون وڃن