ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ۾ نائين واري رات دير سان شاھه نجف امام بارگاھه تان حضرت امام قاسم عليه السلام جي ميندي برآمد ٿي جلوس روايتي رستن شاهجهان مسجد وٽان ٿيندو ٻيهر شاھه نجف امام بارگاھه پهتي جتي وڏي انگ ۾ شامل مومنن پاران نوحه خواني ڪري سينا زني ڪئي وئي، جڏهن ته ٺٽي جي مختلف امام بارگاهن شاھه نجف امام بارگاهه، شيرازي امام بارگاهه، شڪرالاهي امام بارگاهه ۾ بخاري امام بارگاهه، ساٽي امام بارگاھه، ۽ علو شاھ مست امام بارگاه ، توڙي مڪلي تي قدم گاه موليٰ علي امام بارگاھ سميت مختلف امام بارگاهن تي مجلسن عزائن جو سلسلو جاري هجڻ ڪري ٺٽي جي هر طرف امام بارگاهن تي مومنن پاران ياحسين ، ياحسين جو صدائون بلند آهن، ٻئي پاسي ٺٽو سجاول روڊ تي پڻ صوبائي وزير علي حسن زرداري پاران ٻن ڏينهن جي کير واري شربت ۽ ٿڌي پاڻي واري سبيل قائم ڪري هتان کان لنگهندڙن گاڏين جي مسافرن توڙي راھ ويندڙن کي سبيل پيئارڻ جو سلسلو شروع آهي، هوڏانهن محرم الحرام جي عاشوري واري ڏهاڙي تي (اڄ) پڻ مرڪزي ماتمي جلوس ٺٽي جي شاهي بازار مان برپا ٿيندو جيڪو پنهنجي روايتي رستن تان ٿيندو ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھ تي رڪشاءَ اسٽاپ پهچندو جتي مختلف امام بارگاهن تان برپا ٿيل 15 کان مٿي ننڍا وڏا ماتمي جلوس ذوالجناح، علم، تعزين سان گڏ شامل ٿيندا ۽ مومنن پاران مرثيه ۽ نوحه خوائي ڪري سينا زني سان گڏ ڇرين جو پڻ ماتم ڪيو ويندو ۽ ٺٽي جي قديم پٽ ڍڍ پٽ پڻ ڪئي ويندي،  جڏهن ته ان موقعي تي پڻ ضلعي انتظاميه پاران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪندي ٺٽي جي ڊي سي منور عباس سومرو ۽ ايس ايس پي ٺٽي پاران مرڪزي جلوس واري هنڌ ۽ روايتي رستن ۽ جلوس جي گذرگاهن جو پڻ جائزو وٺندي شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن سان گڏ جلوس واري هنڌ تي سخت سيڪيورٽي جا اپاءَ وٺندي سي سي ڪئمرائون پڻ لڳايون ويون آهن جڏهن ته انتظاميه پاران عاشوري واري ڏينهن تي ماتمي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ 2 هزار کان مٿي پوليس اهلڪارن سان گڏ رينجرز جي جوانن جون پڻ خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن .