ٺٽو( رپورٽر ) ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو جي ملازم تي شھري جي ڪيل تشدد واري عمل خلاف ميونسپل ڪاميٽي ايمپلائيز ايسوسيئيشن ٺٽو جي ملازمن پاران آفيس کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي اڳواڻن حنيف چنڊ، ممتاز صابرو، محمد علي کٽي، رياض عباسي، حفيظ شيخ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مڪاني کاتي جا ملازم ڏينھن رات محنت ڪري پنھنجي شھر کي صاف سٿرو رکڻ توڙي شھرين کي پيئڻ جي پاڻي فراھمي لاءِ ٽٽل ۽ ڦٽل لائينن تي ڪم ڪري رھيا آھن پر ڪجهه شرپسند عناصر ملازمن تي حملا ڪري کين تشدد جو نشانو بڻائين ٿا، جنهن جي مذمت ڪيون ٿا، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته ميونسپل ملازم تي حملو ڪندڙ شهريءَ خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.