ٺٽو ( رپورٽر ) مھراڻ سوشل ويلفيئر آرٽس ڪائونسل ٺٽو پاران ضلعي ٺٽي جي سياسي، سماجي شخصيت، گندرا برادري جي معزز وڏيرو محمد عرس گندرو ۽ ڪراچي سان تعلق رکندڙ انساني حقن لاء اواز اٿاريندڙ ميڊم تانيه ڪرن سان ھڪ سرھي شام مڪلي جي اڱڻ تي ملھائي ويئي ان موقعي تي منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي سيد الطاف حسين شاھ شيرازي، ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو، ذوالفقار گگو، بھادر ملاح، خادم حسين سومرو نوابشاھ، سلطان تنولي ڪراچي اڳواڻ ھيومن رائٽس پروڊيڪشن اينڊ جسٽس، حاجي فاروق احمد آرائين ۽ ٻين چيو ته ملڪ اندر حد کان وڌيڪ مھنگائي وڌڻ ڪري عوام خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھي، تيل جو قيمتون گھٽجڻ باوجود عام واھپي جي شين سميت گاڏين جي ڪرائين ۾ ڪابہ گھٽتائي نٿي ڪئي وڃي، جيڪا حڪومت جي واضح ناڪامي نظر ٿي اچي. ھن پروگرام جا انتظام توڙي انائونسمينٽ جا فرائض پروگرام آرگنائيزر اڪبر دلواڻي صدر مھراڻ سوشل ويلفيئر آرٽس ڪائونسل ضلعي ٺٽي پاران سنڀاليا ويا.