ٽٺو(رپورٽر) سنڌ جي لکين ايڪڙ کان وڌيڪ زمينن جي نيلامي، جعلي ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ، سنڌ ۾ سرڪار، سردارن ۽ رياست جي سرپرستي ۾ ڌاڙيلن کان ماڻھو اغوا ڪرائي ڪروڙين روپيا ڀنگ وٺڻ جو ڪاروبار ڪرائي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ  قائم ڪرڻ ۽ ڪارونجهر سميت تاريخي ماڳن، مڪانن جي نيلامي خلاف عوامي تحريڪ طرفان مڪلي کان ٺٽي شھر تائين هزارين عورتن، مردن، ٻارن، ٻڍن، نوجوانن، مزدرون، هارين ۽ شاگردن جي” سنڌ جو قومي وجود ۽ وسيلا بچايو“ احتجاجي ريلي ڪڍي ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھ تي رڪشاءَ اسٽاپ وٽ احتجاجي ڌرڻو هڻي سخت نعري بازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته گذريل 75 سالن دوران ملڪ مٿان ڊڪٽيٽرن طرفان بار بار لڳندڙ مارشلائن ۽ نام نھاد اليڪشني اقتداري پارٽين جي نااھلي، ڪرپشن، غلط پاليسين، پنھنجا نوازي، قومي مفادن کان وڌيڪ ذاتي ۽ گروھي مفادن کي ترجيح ڏئي اربين کربين روپين جي ڪرپشن ڪري ارب پتي مان کرب پتي ٿيندڙ پيٽ پرستن ملڪ جا وسيلا وڪرو ڪري معاشي ڏيوالو ڪڍي ملڪ کي آئي ايم ايف، ورلڊ بينڪ جھڙن سامراجي ادارن وٽ گروي رکي ڇڏيو آھي. گذريل 15 سالن کان مسلسل اقتدار ۾ رهندي پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن کي بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، ذوالفقار آباد،ڪمانڊر سٽي، ونڊ پاور سميت ٻين وڏين رهائشي اسڪيمن ۽ معاشي ترقي جي نالي ۾ غير ملڪين ۽ قبضا گير مافيائن حوالي ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته ڪراچي کان ڄامشوري تائين سپر هائي وي جي ٻنهي پاسي سنڌ جي زمينن تي والار جاري آهي. ڪوهستان جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن کيرٿر نيشنل پارڪ تي بحريا ٽائون جا قبضا جاري آهن. کنڊ ۽ ڪڻڪ جي افغانستان اسگلنگ فوري روڪي وڃي ۽ ان ۾ ملوث ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪري سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. کنڊ کي ذخيرو ڪندڙ سيٺين ۽ سرمائيدارن خلاف پڻ  قانون کي تحرڪ  ۾ آندو وڃي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته گذريل 15 سال سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ ۽ تازو ڏيڍ سال ملڪ جو پرڏيھي وزير رهندڙ پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چئي ٿوته ڪچي ۾ آمريڪي هٿيار ڪيئن پهچن ٿا. اهو سوال اڄ سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي ۽ بلاول ڀٽو زرداري کان پڇي ٿو ته پرڏيهي وزارت ۾ رهندي هن ڪهڙي محاذ تي ويٺي جنگ لڙي هن ته پيپلز پارٽي سنڌ جي زمينن جي نيلامي ۽ ڊجيٽل آدمشماري وسيلي سنڌ جي قومي وجود ميسارڻ جي سازش ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪيو آهي. ڀاشا ڊيم، گريٽر ٿل ڪئنال فيز ون ۽ ٽو، جلالپور، حاصل پور ڪئنالن سان گڏ تونسا ۽ چشما ڪئنالن وسيلي پڻ سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو چيو ته ايم ڪيو ايم جھڙي نسل پرست ۽ عالمي دھشتگرد ٽولي کي پالي تاتي ھٿيار بند ڪري ھزارين بيگناھ انسانن جو قتلام ڪرايو ويو. ايم ڪيو ايم سنڌ کي  ورھائڻ جي ڳالھ ڪري پاڪستان کي ٽوڙڻ جي مجرماڻي ۽ ملڪ دشمن سازش ڪئي آھي. خدا ڏنو شاھ، مٺا خان لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ ملڪ کي آئي ايم ايف جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي وسيلي عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي. ھنن چيو تہ سنڌ ۾ عورتن جي قت عام جا واقعا هر روز وڌي رهيا آهن. معصوم فاطمہ ڦرڙو جو قتل انتهائي افسوسناڪ آهي. معصوم فاطمہ جي قاتلن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن. سنڌ ۾ عورتن جي تحفظ لاءِ قانونسازي ڪرڻ سان گڏ ان تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي. ذولفقارآباد جهڙين رٿائن وسيلي ڌارين کي آباد ڪرايو پيو وڃي. ٺٽي ضلعي کي لاوارث سمجهي ٺٽي جون زمينون نيلام ڪيون پيون وڃن. ھنن چيو تہ ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي وسيلن جي گھرلٽ قبول نه ڪئي ويندي. اسان سنڌ جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪنداسين. عوامي تحريڪ هميشه سنڌ جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪئي آهي جڏهن ته ريلي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر مٺا خان لاشاري، نامياري ڪهاڻيڪار علي محمد پرويز، گھنور خان زئور، عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڳواڻ نور نبي پليجو، سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاھ، ناليواري شاعر مير حسن آريسر، نامياري ليکڪ دستگير ڀٽي، ناليواري صحافي ۽ ڪالم نگار اسحاق مڱريي، سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکو، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زبير نوناري، مارو خشڪ، رزاق چانڊيو، حسين آزاد، امان الله بروهي، شاهنوازچانگ، الله بخش بلوچ، رياض عباسي، انور پالاري، عاطف ملاح، غلام علي زئور، زاهده لاشاري ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. عوامي تحريڪ پاران احتجاجي ڌرڻي ۾ قراردادون پيش ڪيون ويون.