ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ بگھاڙ موري ويجھو هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ان ڏس ۾ ٺٽي جي ايس ايڇ او اطهر چنا پاران ڄاڻايو ويو آهي ته ڳجھي اطلاع ملڻ تي ٺٽي ٿاڻي جي حد ۾ پيرپٺو بگھاڙ موري روڊ تي سومرا واٽر وٽ مقابلي دوران هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ ٺٽي شهر جي اسلام پور واسي شاهد پٽ فقير محمد سمون نالي طور ڪئي وئي، پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري ڪيترن ئي ڏوهن، چوپائي مال جي چوري، موٽر سائيڪل ڦر ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهي، جڏهن ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوهاري وٽان هڪ پسٽل پڻ هٿ ڪيو آهي، پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري جا 2 ساٿي پڻ فرار ٿي ويا آهن، جڏهن ته زخمي ڏوهاري کي سول اسپتال ٺٽو مڪلي منتقل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ رڪارڊ طلب ڪري گرفتار ڏوهاري خلاف جاچ واري دائري کي وڌايو پيو وڃي.