ٺٽو ( رپورٽر ) سکر جي سينيئر صحافي شهيد جان محمد مهر جي قتل خلاف حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي ڏنل سڏ تي پريس ڪلب ٺٽي آڏو ٺٽي جي صحافين پاران پنجين ڏينهن به قائم ڪيل علامتي بک هڙتالي ڪئمپ ۾ احتجاجي علامتي بک هڙتال ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي جڏهن ته ان موقعي تي تي ايڇ يو جي يونٽ ٺٽو جي صدر خدا بخش بروھي، سينيئر صحافين ڊاڪٽر شاهد صديقي ، اسماعيل ميمڻ، شبير ڀٽي ، حاجن سولنگي، منصور جلالاڻي،  ظھير علي، رشيد جاکرو ، عزيز جوڳي ، ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شھيد جان محمد مھر سکر جو ھڪ بھادر ۽ دلير صحافي ھو ۽ هن جي قتل کي 2 مهينا ٿيڻ تي آهن پر سکر پوليس روايتي سستي جو مظاهرو ڪندي هن مهل تائين ملوث قاتلن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي گرفتار ناهي ڪري سگھي هنن چيو ته صحافي جان محمد مهر مظلومن جو آواز ھو پر بااثر سردارن کيس بيرحماڻي سان قتل ڪرائي جوابدارن کي لڪائي ڇڏيو آھي جڏهن ته ھنن چتاءٌ ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ قتل ۾ ملوث  قاتلن ۽ انھن جي سھولتڪارن جي گرفتاري تائين احتجاجي سلسلو جاري رهندو