ٺٽي ۾ شاگردياڻين جو وظيفو نه ملڻ خلاف ڌرڻو

0
77
ٺٽي ۾ شاگردياڻين جو

ٺٽو: ٺٽي ۾ نرسنگ ڪاليج جي شاگردياڻين وظيفو نه ملڻ خلاف قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو آهي، جنهن سبب ٽرئفڪ معطل آهي

شاگردياڻين دانهيو آهي ته نرسنگ ڪاليج جِي پرنسپال ٽن مهينن کانپوءِ رڳو هڪ مهيني جو وظيفو ڏنو آهي

مظاهرين دانهيو ته شاگردياڻين جي وظيفي ۾ ٻن مهينن جي غيرقانوني ڪٽوتي جو ڪير نوٽيس نٿو وٺي

شاگردياڻين طرفان وظيفي جي مبينا ڦٻايل رقم ملڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي