ٺٽو (رپورٽر) سانگھڙ جي ڳوٺ رئيس محمد ابراھيم ٿھيم واسي جوڙي ٺٽي پھچي نڪاح ڪرڻ بعد تحفظ لاءِ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو، ڪلثوم ٿھميم ٽنڊو آدم جي ڳوٺ طيب ٿھيم واسي دلبر علي ٿھيم سان گڏ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته پهرين اڪبر پٽ علڻ ٿھيم سان شادي ڪئي ھئي، جنھن مان ھڪ پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آھي، پٽ اڪبر ٿھيم وٽ آھي، 2 نياڻيون مون وٽ آھن، هن چيو ته 8 مھينا اڳ اڪبر ٿھيم کان طلاق ورتي، عدد بعد پنھنجي مرضي سان دلبر علي ٿھيم سان ٺٽي ۾ نڪاح ڪيو  پر اڳوڻو مڙس اڪبر ٿھيم، سندس ڀائر جان جا دشمن بڻجي ويا آھن، مڙس دلبر علي ۽ سندس مائٽن خلاف ھٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، ھن چيو ته ڪنھن به اغوا ناھي ڪيو، پنھنجي مرضي سان نڪاح ڪيو آھي، ھن چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ سسميت ٻين کان مطالبو ڪيو ته تحفظ فراهم ڪري ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.