ٺٽو (رپورٽر) تعلقي ڪيٽي بندر جي شھر جوھو جي رھواسي گريجوئيٽ بيروزگار نوجوانن شڪيل ميمڻ، پنھون سمون ۽ خان ميمڻ روزگار نه ملڻ خلاف مڪلي کان ٺٽي تائين پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو، جڏهن ته ان موقعي تي بيروزگار نوجوانن چيو ته ھو تعليم يافته نوجوان آھن، پر روزگار نه ملڻ ڪري تنگدستي واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن، ھنن چيو ته ڊگريون کڻي رلندا ٿا وتون، ڪير به روزگار نه ٿو ڏئي، اسان سرڪاري نوڪري نه ٿا ڏيو ته خانگي طور ئي روزگار ڏيو، تنگ ٿي پيادل مارچ ڪيو آهي، ملڪي کان ٺٽي تائين مارچ ڪيو آهي، روزگار نه مليو ته ڪيٽي بند کان ڪراچي تائين پيادل مارچ ڪري روزگار لاءِ ڪوشش ڪنداسين، هنن چيو ته اسان وٽ گهر تائين واپس وڃڻ جو ڀاڙو به ناهي، اسان کي روزگار ڏئي پريشانين کان بچايو وڃي.