ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي جي انتظاميا، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي ٺٽي شهر ۾ ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڪري کنڊ، اٽو ۽ ڀاڻ جون سوين ٻوريون ھٿ ڪري 2 گودامن کي سيل ڪري ڇڏيو آهي ٺٽي جي اي سي محمد خان ڀنگوار ٺٽي شھر ۾ ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف 2 گودامن تي ڇاپا هڻي 300 کنڊ جون ٻوريون ۽ 220 اٽو جڏهن ته 220 سونا يوريا، 200 ڊي اي پي ڀاڻ، 1000 سي اي اين فاطمه فرٽيلائزر، 350 اي اين پي فاطمه فرٽيلائز ۽ 100 سي اي اين (جي) جون ٻوريون هٿ ڪري 2 گودامن کي سيل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پنهنجي اخبار جي رابطي ڪرڻ تي ٺٽي جي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد خان ڀنگوار چيو آهي ته ذخيره اندوزن ۽ ناجائز منافع خورن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي ۽ عوام جي خدمت اسان جي اولين ذميواري آهي جيڪا بنا ڪنهن فرق جي پوري ڪنداسين. هن چيو ته ڪنهن کي به قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. ٻئي طرف ڊسٽرڪٽ تاجر اتحاد جي صدر ڊاڪٽر ڪامران قريشي، مٺا خان لاشاري، حاجي وسيم ٽڪاڻي، فيصل ممڀائي، حاجي بشير ڇاپائي، حاجي ياسين ميمڻ، عمر ميمڻ ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاج بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٽيڪس پياريندڙ پرامن واپاري آھيون ۽ هنن ڪنھن به قسم جي ڪابه ذخيره اندوزي ناهي ڪئي ۽ انتظاميه بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران هول سيل جي ننڍن واپارين خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي. ھنن چيو ته رات جي اونڌاهيءَ ۾ کين اسسٽنٽ ڪمشنر فونون ڪري گھرائي گدام کولرائي چيڪ ڪيا، جنھن جا سمورا دستاويز به پيش ڪيا پر ان جي باوجود بلاجواز گدام سيل ڪيا ويا آھن. فوري طور سيل ڪيل گدام کوليا وڃن ٻي صورت ۾ هو قانوني سهارو وٺڻ سان گڏ وڌيڪ لائحه عمل جوڙي ترت احتجاج جي دائري کي ضلعي سطح تي وڌائي انتظاميه جي ڪارروائي خلاف شٽر بند هڙتال ڪئي ويندي.