ٺٽو (رپورٽر ) ڪينجھر ڍنڍ لڳ ڳوٺ محمد ترڪ جي واسي واحد بخش ترڪ پنھنجي گھر واري مسمات سونيا سان گڏ ٺٽي پھچي صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته ڪجھه وقت اڳ رات جو سندس گھر ۾ چور چوپايو مال ٻڪري چوري ڪرڻ آيا ته اسان سجاڳ ٿي پياسين ان دوران چور ٻڪري کي ڇڏي اسان کي ڪھاڙيون ھڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، تشدد ۾ منهنجي گھر واري جا ڏند به ڀڄي پيا، جنھن بعد اسان ڪيترائي ڏهاڙا اسپتال م زير علاج هئاسين، هاڻي ڪينجهر پوليس اسان جي نشاندهي باوجود جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري، هنن چيو ته اسان اسپتال مان حاصل ڪيل ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ذريعي عدالت معرفت 22 اي تحت پٽيشن داخل ڪرائي ڪينجھر ٿاڻي تي جوابدارن عبدالحفيظ ترڪ ۽ سندس پٽ شڪيل ترڪ خلاف مسمات سونيا ترڪ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪرايو آھي، پر پوليس بااثر جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، جيڪي ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي وڌيڪ نقصان پھچائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.