ٺٽو ( رپورٽر ) ڊائريڪٽر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ضلعو ٺٽو جعفر حسين پنهور مڪلي سميت ضلعي ۾ مختلف شھرن ۾ قائم ڪيل ڊسٽريبيوشن سينٽرن تي ڇاپو هڻي مستحق عورتن جي قسط جي رقم مان ڪٽوتي جي شڪايتن تي ڪارروائي ڪندي ڊوائيس ھولڊرن جون 6 کان وڌيڪ ڊوائيسون بلاڪ ڪرائي ڇڏيون، بلاڪ ڪرايل ڊوائيسن ۾ سخي شاهه گوھر گنج ڪميونيڪشن، سٽي ڪميونيڪشن، نادر ڪميونيڪشن، سبحان الله ڪميونيڪشن، شاھمراد ڪميونيڪشن، مقبول موبائيل زون ۽ ٻيون شامل آھن، ان موقعي تي ڊائريڪٽر بسپ ٺٽو جعفر حسين پنھور صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته عورتن کي 13هزار 500 رپين جي قسط جاري ڪئي وئي آھي، جڏھن ته 10 کان وڌيڪ عورتن کي ڪٽوتي ڪيل رقم واپس ڪرائي وئي آهي. جعفر حسين پنهور چيو ته امدادي رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ ڪنھن کي به ھر گز اجازت نه ڏني ويندي، ڪٽوتي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.