ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي شھر جي آمري اسٽاپ مڇي مارڪيٽ سامھون درگاھه سخي شاھه گوھر گنج ڀرسان حيات سرائي جي بيڪري کي گذريل رات دير سان اڻڄاتل چور کاٽ ھڻي بيڪري ۾ رکيل 6 لک رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا، جنهن جي اين سي رپورٽ ٺٽو ٿاڻي تي درج ڪرائڻ باوجود پوليس ملوث چورن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي. واضع رھي ته ھڪ مھينو اڳ به ساڳي ئي بيڪري مان چوري جي واردات ٿي ھئي، پر حد جي پوليس چوري جو ڪو به نوٽيس ناهي ورتو ۽ نه ئي ڏوھارين خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي آهي.