ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي جي مها ٻوڏ متاثرن جي ترڪش ڪالوني مڪلي واسين ڪالوني ۾ گذريل هڪ مهيني کان پيئڻ جي پاڻي جي سخت اڻاٺ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري فوري طور تي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جي بحالي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي  ، ان ڏس ۾ ۾ ترڪش ڪالوني مڪلي جي ڪيترن ئي متاثر رھواسين پاڻي نہ ملڻ خلاف احتجاج ڪندي چيو تہ 2210 گھرن تي مشتمل ٻوڏ متاثرن جي ترڪش ڪالوني جي ھزارين رھواسين جو پاڻي بند ڪري گذريل ھڪ مھيني کان اڃ مرڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي، جيڪي پاڻي خريدڻ توڙي پري پري کان آڻڻ تي مجبور بڻيل آھن. ھنن الزام ھڻندي چيو تہ ترڪش ڪالوني مڪلي جي واٽر سپلاءِ تي پبلڪ ھيلٿ کاتي پاران مقرر ملازم پيئڻ جو ايندڙ پاڻي رستي ۾ فارم ھائوس ۽ زمينن جي آبادي لاءِ وڪرو پيا ڪن، جن جا وٽن ثبوت بہ موجود آھن، ھنن چيو تہ سندن پاڻي وڪرو ٿيڻ ڪري واٽر سپلاءِ جي تلائن تائين پاڻي جي رسد نہ ٿيڻ ڪري تلاءَ بہ سڪي رھيا آھن، پر سندن دانھن تي ڪير بہ ڌيان نٿو ڏي، ھنن گھر ڪئي تہ کين پاڻي مھيا ڪري اڃ مرڻ کان بچايو وڃي.