ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي شهر ۾ ڏينهن ڏٺي موٽر سائيڪل سوار اڻڄاتل 2 هٿيار بند ڦورو هٿيارن جي زور تي ميونسپل ڪميٽي ٺٽي جي چيئرمين ادا محمد ميمڻ جي ڀاءُ ۽ ٺٽي جي مشهور ڪاروباري شخصيت ، راجه بيڪري جي مالڪ حاجي عبدالرزاق ميمڻ کان هٿيارن جي زور تي کيس تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪرڻ بعد کانئس روڪ رقم 6 لک رپيا ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا. چيو وڃي ٿو ته مشهور واپاري پنهنجي آفيس کان روڪ رقم 6 لک کڻي بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ وڃي رهيو هيو ته شهر جي گرلس پرائمري اسڪول قاضي محلا وٽ موٽر سائيڪل سوار هٿيار بندن هٿيارن جي زور تي کيس تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪرڻ بعد رقم 6 لک ڦر ڪري فرار ٿي ويا هوڏانهن ڏينهن ڏٺي ٺٽي شهر ۾ هٿياربند ڦورن هٿان واپاري کان ٿيل ڦر بعد واپارين ۽ شهرين ۾ سخت خوف واري لهر ڇانئجي وئي آهي ، هتان جي پرامن شهرين ۽ واپارين وڏندڙ ڏوهي سرگرمين تي شديد رد عمل ظاهر ڪندي اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي آهي ته شهر ۾ وڌندڙ ڏوهي وارداتن کي ٻنجو ڏياري شهرين جي جان مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي