ٺٽو(رپورٽر) ٺٽي شھر جي ڳتيل آبادي واري پاڙي شڪر الاھي ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ٺٽو جي صدر سينيئر وڪيل اعجاز شاھه شڪرالاهي جي رھواسي ڀاءُ شوڪت شاھ عرف شوڪي شاھ شڪرالاهي جي گهر ۾ برقي پاتل 2 عورتون گھر ۾ داخل ٿي گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي گھر ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ بعد روڪ رقم ساڍا 3 لک ۽ اڍائي تولا سونا زيور ڦر ڪري فرار ٿي ويون، جڏھن ته شھر جي ڳتيل آبادي واري پاڙي شڪر الاھي ۾ اڻڃاتل برقي پاتل عورتن جي گھر مان ڪيل ڦر واري واقعي بعد شھرين ۾ خوف ۽ حراس واري لھر پکڙجي وئي شھرين پاران وس وارن کان ملوث ڦورو عورتن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪندي پرامن شھرين جي جان، مال جي تحفظ جي گھر ڪئي وئي آھي