ٺٽو (رپورٽر)  الحاج سيّد اعجاز علي شاھ شيرازي جي ياد ۾ ٺٽي شھر ۾ 3 روزہ ملھ ملاکڙو منعقد ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ سنڌ جا ناليوارا ملھ پھلوان زور آزمائي ڪري رھيا آھن، ملاکڙي جي پھرين ڏھاڙي تي ملھ پھلوان غلام نبي شيدي، خان بھادر شورو، سيد اياز شاھ بخاري، ٽريڪٽر شيدي، رزاق شيدي، راشد کٽياڻ، رزاق ملاح، محمد بخش کوسو، آصف مگسي، امام بخش بروھي، نديم ناھيو، دادلو شيدي، امتياز مڱڻھار، عمير شيدي، گل منير جوکيو ۽ ٻين ملھون ماري خوب داد ۽ انعام حاصل ڪيو، جن کي سردار شاھد بروھي ۽ ٻين انعام ڏيئي سندن حوصلا افزائي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته الحاج سيد اعجاز علي شاھه شيرازي لاڙ خطي سميت پوري سنڌ جي عوام جو ڀرجھلو ھو، جنھن پنھنجي سڄي زندگي غريب عوام جي خدمت ڪندي گذاري ڇڏي، جيڪو اسان کان ڪڏھن به وسري نٿو سگھي.