ٺٽو (رپورٽر ) سنڌ ترقي پسند پارٽي ٺٽي پاران ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب ٺٽي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي جڏهن ته ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ امتياز سمون، ضلعي صدر سيد جلال شاھ، ناٿو بروھي، جميل سمون، راجو قريشي، حيدر شورو، حڪيم بروھي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌوءَ تي اڏجندڙ 6 نون تڪراري ڪئنالن خلاف ايس ٽي پي ڀرپور جدوجھد ڪئي ۽ ھاڻ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ميدان ۾ آھي ھنن گھر ڪئي ته سنڌ حڪومت فوري طور تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ٿيندڙ زمينن جي نيلامي بند ڪري زمينون هتان جي بي زمين ھارين ۾ ورهايون وڃن .