ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽو شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، وڌندڙ بدامني توڙي گٽڪي ۽ منشيات جي واهپي خلاف سول سوسائٽي ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ان موقعي تي حيدر جويو ، نور احمد پارهيڙي ، ڪامريڊ عبدالقادر ميمڻ ، امام بخش هالو ، مشتاق ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٺٽي جي ميونسپل انتظاميه جي لاپرواهي ڪري 3 مهينن کان ٺٽي شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند آهي. هنن چيو ته شهري هڪ پاسي پيئڻ جي پاڻي نه هجڻ ڪري پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن ته ٻئي پاسي چورن رڻ ٻاري ڏنو آهي. هنن چيو ته شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي بحران سان گڏ وڌندڙ بدامني ۽ منشيات جي واهپي سبب شهرين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ٺٽي شهر کي ڪي ڊي اي واھ مان پاڻي جي فراهمي مستقل بنيادن تي بحال ڪرڻ سان گڏ وڌندڙ چورين ۽ منشيات جي وڪري تي ضابطو آڻي ٺٽي جي پرامن شهرين کي وڌيڪ پريشانين ۾ مبتلا ٿيڻ کان بچايو وڃي.