ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ دين محمد ۾اسڪول جي ڇت، واش روم ۽ ٻيون سهولتون نه هجڻ تان ڳوٺاڻا هاءِ ڪورٽ پهچي ويا، ڳوٺاڻن جي درخواست تي عدالت تعليم ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي چئن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ٺٽي جي ڳوٺ دين محمد ۾ اسڪول جي حالت خراب آهي، 200ٻار کليل آسمان هيٺ پڙهي رهيا آهن، اسڪول ۾ نه واش روم آهي ۽ نه ئي پيئڻ جو پاڻي آهي. درخواستگذار موجب 200 جي لڳ ڀڳ ٻارن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي. درخواست ۾ سيڪريٽري تعليم، ڊائريڪٽر مانيٽرنگ ۽ ٻين ڌرين کي ڌر بڻايو ويو آهي