ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽو ۽ مڪلي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي بحران توڙي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف مڪلي واسين ياسر جاکرو، واصف قريشي، سلمان جاکرو، شھروز چانگ، معيد ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي مهينن کان ٺٽي شهر ۽ مڪلي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو سخت بحران برقرار آهي،پاڻي جي عدم فراهمي خلاف شهري احتجاج ڪري رهيا آهن پر هن مهل تائين پاڻي جي فراهمي ناهي ڪئي وئي، جڏهن ته ٺٽي جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر مڪلي ۾ پڻ پاڻي جي شديد بحران سبب مڪلي واسين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي هنن چيو ته هڪ پاسي شهرين کي پيئڻ لاءِ پاڻي نٿو ڏنو وڃي ته ٻئي پاسي بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ شهرين کي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي