ٺٽو ( رپورٽر ) ڇتو چنڊ ويجھو هنڱورا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، ڪهاڙين لڳڻ سبب هڪ نوجوان قتل، ٺٽو ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڇتو چنڊ ويجھو 5 ميل ڀرسان هڱورا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران ڪهاڙي لڳڻ سبب ڳوٺ عثمان نڱورو واسي نوجوان رحيم بخش عرف افو هڱورو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي اسپتال نيو ويو، جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، هوڏانهن ٺٽو ٿاڻي جي ايس ايڇ او مظفر خالدي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته جھيڙو ٻارن جي ڳالهه تان ٿيو آهي، چيو ته هڪ دفعو اڳ به ٻنهي ڌرين ۾ بارن جي ڳالهه تان جھيڙو ٿيو هيو، جنهن جي اين سي ڪٽرائي وئي هئي، هن چيو ته مارجي ويل نوجوان جو سول اسپتال ٺٽو مان پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو۽ جيئن ئي مارجي ويل جا وارث ٿاڻي ايندا ته ڪيس ڀي داخل ڪيو ويندو باقي پوليس پاران ڪارروائي ڪندي ٻن ڄڻن کي پوليس تحويل ۾ ورتو ويو آهي ۽ جيئن وارث ٿاڻي تي ايندا تي ايف آءِ آر داخل ڪري مامري جي وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي، هوڏانهن جھيڙي جي زخمي نوجوان جي فوت ٿيڻ واري اطلاع ملڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي، جڏهن ته ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ ڪري پڻ علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي .