ٺٽو/گهوڙا ٻاري(رپورٽر/ن پ ا) ٺٽو پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي گرفتار ڪري وٽانئس پسٽل هٿ ڪرڻ جي دعوي ٰ ڪئي وئي آهي ان ڏس ۾ ٺٽي جي ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران خان جي ترجمان جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻائيندي چيو ويو آهي ته ٺٽي ٿاڻي جي حد ۾ واقع فقير جو ڳوٺ لڳ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ٿيل مقابلي جي نتيجي ۾ ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو پوليس موجب گرفتار ڏوهاري وٽان هڪ پسٽل ۽ هڪ مهراڻ ڪار پڻ هٿ ڪئي وئي آهي جڏهن ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ ٺٽي شهر جي مسڻ پاڙي واسي ساجد پٽ غلام قادر مسڻ طور ڪئي وئي آهي پوليس چواڻي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري وٽان 400 گرام ڪرسٽل آئيس پڻ هٿ ڪئي وئي جڏهن ته ابتدائي جاچ موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري ٺٽي شهر سميت ضلعي ٺٽي جي مختلف علائقن ۾ آئس ، چرس ۽ هيروئين سپلاءِ ڪندو آهي پوليس موجب گرفتار ڏوهاري جو وڌيڪ ڏوهي رڪارڊ طلب ڪري وڌيڪ جاچ پڻ شروع ڪئي پئي وڃي