ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) ڪينجھر ويجھو چليا لڳ سوزڪي پڪ اپ سان ٺٽو حيدرآباد قومي شاھراهه تي سامھون ايندڙ ٽرڪ جو سوزڪي پڪ اپ سان خطرناڪ ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ سوزڪي پڪ اپ ۾ سوار 9 ڄڻا موقعي تي فوت تي ويا، اطلاع تي پوليس پھچي ريسڪيو ڪري مڪمل طور تي تباھ ٿي ويل سوزڪي پڪ اپ مان 8ڄڻن جي لاشن کي ڪڍيو، جڏھن ته ڦاٿل ھڪ لاش کي ڪڍڻ لاءِ مشينري گھرائي وئي، 8فوتين جا لاش ايمبولينس ذريعي سول اسپتال مڪلي آندا ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته خوفناڪ حادثي جي شڪار ٿيل فوتين ۽ زخمين جو تعلق ملير ڪراچي جي قذافي ٽائون سان آھي، جيڪي سوزوڪي پڪ اپ ۾ سوار ٿي ڪينجھر اچي رھيا ھيا ته چليا ويجھو قومي شاهراهه تي سوزوڪي سان ٽرڪ جي حادثي سبب فوت ٿي ويا ھوڏانھن ٺٽي جي ڊي سي غلام فاروق سومرو پڻ چليا ويجھو سوزوڪي پڪ اپ سان ٿيل ٽرڪ جي حادثي جي نتيجي ۾ 9 ڄڻن جي فوت جي تصديق ڪندي ۽ ڦاٿل ھڪ ڄڻي جي لاش کي ريسڪيو ڪري ڪڍائڻ لاءِ ڪرين موڪلي. حادثي واري ھنڌ تان اونداهي جو فائدو وٺندي ٽرڪ ڊرائيور ٽرڪ ڇڏي فرار ٿي ويو. فوتين ۾ فوتين ۾ شامل عبد الله، تسبع الله، محمد قصر، نور الله وھاب، عدنان ۽ ٻيا شامل آهن، واضح رهي ته  9 ڄڻن مان 8 ڄڻن جا لاش اسپتال پھتل آهن، جڏھن ھڪ ڄڻي جي سوزوڪي ۾ ڦاٿل لاش کي ڪڍڻ لاءِ ھن مھل تائين ريسڪيو جاري رهيو.