ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽو پوليس پاران منشيات ۽ گٽڪي وڪري ڪندڙ 11 ڄڻن کي گرفتار ڪري وٽانئن هڪ ڪلو کان مٿي چرس، 5 ليٽر ڪچو شراب ۽ انڊين گٽڪو هٿ ڪرن جي دعويٰ ڪئي وئي آهي ان ڏس ۾ ٺٽي جي ايس ايس ڊاڪٽر محمد عمران خان جي ترجمان جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻائيندي چيو آهي ته ٺٽو جي مخلتف ٿاڻن جي پوليس ٺٽو ، جھرڪ ڌيٻجي ، گھوڙاٻاري ،ڳاڙهو ۽ جھمپير پوليس گٽڪي ۽ منشيات خلاف ڪاروائي ڪندي 11 ڄڻن بلاول کڏائي ، بادل عمراڻي، ظفر ملاح، اصغر ملاح، اجمل، اشرف ملاح ، ڀٽو جاکرو، فاروق کوسو، علي جت، سڪندر ٻٻر، آصف خاصخيلي ۽ محمد علي پٺاڻ کي گرفتار ڪري وٽانئن 1065 گرام چرس، 182 ڪچي شراب جون ٿيلهيون ۽ 315 انڊين گٽڪي جا پيڪٽ پوليس تحيول ۾ وٺي سمورن گرفتار جوابدارن خلاف مختلف ٿاڻن تي نارڪوٽيڪس ايڪٽ ، منشيات آرڊيننس ۽ گٽڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن.