ٺٽو (رپورٽر) جنگشاهي ۽ گجو ويجھو پيش آيل مختلف روڊ حادثن جي نتيجي ۾ هڪ فوت ، 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن . مڪلي ٿاڻي جي حد ۾ واقع مڪلي جنگشاهي روڊ تي ٻاٻڙا ويجھو ڪار جي موٽر سائيڪل سان ٿيل ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار درگاھ ستيون ويجھو ڳوٺ عثمان لاکو واسي هڪ ڄڻو علي خان ملاح فوت ٿي ويو جڏهن ته 3 ڄڻا حارث ناريجو ، انيس ناريجو ۽ علي محمد ناريجو سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي سول اسپتال مڪلي بعد وڌيڪ علاج ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته گجو ويجھو پڻ هڪ تيز رفتار ڪار بيٺل ماڻهن تي چڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ پڻ 4 ڄڻا محمد حنيف ، عبدلامجيد ، غلام محمد ۽ اياز ملاح سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو جڏهن ته پوليس ڪار ڊرائيور کي گرفتار ڪري کيس پوليس تحيول ۾ وٺي ڇڏيو آهي.