ٺٽو(رپورٽر) سونڊا ويجھو ڳوٺ غلام محمد ٺينگا جي ڳوٺاڻن ٺٽو حيدرآباد قومي شاهراھه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سونڊا شاخ ۾ پاڻي جي فراهمي لاءِ زوردار نعري بازي ڪئي جڏهن ته ان موقعي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن خطاب ڪندي چيو ته سونڊا سميت سموري علائقي کي پاڻي مهيا ڪندڙ سونڊا شاخ ۾ آبپاشي کاتي وارن ڪيترن ڏينهن کان پاڻي جي سپلاءِ بند ڪري ڇڏي آهي سونڊا شاخ ۾ پاڻي جي بندي هجڻ ڪري ڳوٺاڻا پيئڻ جي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آهن هنن چيو ته ڳوٺاڻي عورتون پيئڻ جي پاڻي لاءِ مٽ ، دلا کڻيو پري پري تائين پاڻي خاطر وڃي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيون آهن هنن چيو ته سونڊا شاخ ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري سندن فصل به سخت متاثر ٿيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سونڊا شاخ ۾ پاڻي ڏنو وڃي.