ٺٽو (رپورٽر) غلام الله ويجھو ذھني معذور شخص 6 ورھين جي نينگر جو تيز بليڊ سان نازڪ عضوو ڪپي ڇڏيو، وارثن ذھني معذور کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي ان ڏس ۾ غلام الله شھر ويجھو ڳوٺ انب سانڌاڻي واسي ذھني معذور شخص ھتان جي رھواسي شبير سانڌاڻي جد 6 ورھين جي پٽ محمد سانڌاڻي کي راند کيڏڻ دوران پڪڙي تيز بليڊ سان نازڪ عضوو ڪپي ڇڏيو، ننيگر جي رڙين تي وارثن پھچي ذھني معذور شخص کي پڪڙي غلام الله پوليس ڪري ڇڏيو، جڏھن ته نينگر کي علاج لاءِ سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو ويو آھي.