ٺٽو(رپورٽر) يونين ڪائونسل پليجاڻي جي ڳوٺ فتح محمد ڌاندل ۾ اوچتو باُهه لڳڻ پورهيتن ياسين ڌاندل، مراد، سليم ۽ وسيم ڌاندل سميت 10 پورهيتن جا ڪکاوان گھر ۽ انهن ۾ پيل سمورو الھه تلھه توڙي 2 موٽر سائيڪلون سڙي رک ٿي ويون، باھه متاثرن ضلعي انتظاميه ۽ ٻين وس وارن کان سهائتا جي اپيل ڪئي آهي .