ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي جي ٻهراڙي واري علائقي بگھاڙ موري ويجھو چارڻ ميمڻ ڳوٺ ۾ ڊيسنٽ پبلڪ هاءِ اسڪول جي اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران سائنس ۽ آرٽس جي نمائش منعقد ڪئي وئي، منعقد ڪيل نمائش ۾ شاگردن پنهنجي ذهني صلاحيتن کي اجاگر ڪندي انساني جسم ۾ دل ۽ ٻين عضون توڙي ايسڊ رين جي خطرن ۽ ان جي بچاءَ سان گڏ موسم جي تبديلين، گدلاڻ ۽ مختلف سائنسي ماڊلز تيار ڪري اسٽالن تي نمائش ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي ميونسپل ڪميٽي ٺٽي جي چيئرمين ادا محمد ميمڻ، سينيئر استاد حيات ميمڻ، اسڪول جي انچارج حميده ميمڻ ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ٻهراڙي جي علائقي جي شاگردن پنهنجي ذهني صلاحيتن ۽ خود اعتمادي جو ثبوت ڏيندي سائنس ۽ آرٽس جي تعليم کان ڄاڻڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ ماڊولز تيار ڪري نه رڳو انهن جي نمائيش ڪئي آهي پر تيار ڪيل ماڊلز بابت پڻ بهترين ڄاڻ پيش ڪئي، هنن چيو ته ٻهراڙي واري اسڪول جي شاگردن ۽ شگردياڻين جي تعليم بابت دلچسپي کي ڏسندي ٻهراڙي جي شاگردن ٻهراڙي ۽ شهرن جي فرق کي ختم ڪري ڏيکاريو آهي، هنن چيو ته اسڪولي شاگردن جي ذهني صلاحيتن کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي کي گھرجي ته ٻهراڙي وارن علائقن کي اهميت ڏيندي هتان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ذهني صلاحيتن سان گڏ منجهن سانسي اهميت کي وڌيڪ اهميت ڏيارڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ٻهراڙي وارن اسڪولن ۾ سائنس جو نمائشون منعقد ڪرائي شاگردن کي وڌيڪ سائنسي خزاني جي ڄاڻ مهيا ڪئي وڃي.