ٺٽي واسي نوجوان جو لاش هٿ، لاش رکي قومي شاهراهه بلاڪ

0
122

ٺٽي جي ڪچي آبادي واسي نوجوان جو تلاءَ مان لاش هٿ اچڻ بعد وارثن لاش سوڌو قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو آهي

وارثن جو چوڻ آهي ته گذريل رات ٺٽو پوليس زوهيب سمون کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي

پوليس نوجوان کي ڊوڙائي ڊوڙائي تلاءَ ۾ ڪيرايو، جيڪو ٻڏي فوت ٿي ويو

مظاهرين مطالبو ڪيو آهي ته ٺٽو پوليس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

نوجوان جي وارثن چتاءُ ڏنو آهي ته جيستائين ذميوار پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي نه ٿيندي، تيستائين احتجاج جاري رهندو