ٺٽو (رپورٽر ) ٺٽو مان 2 هفتا اڳ کنڀيل ٻارڙو بازياب نه ٿيو، احتجاج ان ڏس ۾ ٺٽي شھر جي درگاھه سخي شاھه گوھرگنج ڀرسان ڪچي آبادي ۾ رھندڙ ذڪريا ٿھيم ۽ سندس گھر واري صحافين اڳيان احتجاج ڪندي، ۽ برادري جي ماڻهن تي الزام ھڻندي چيو آھي ته 2 ھفتا اڳ ڳوٺ حاجي محمد حسين ٿھيم جي رھواسي سندس برادري جي بااثر ماڻھن پاران ھٿيارن جي زور تي سندن ٺٽي واري گھر تي ڪاھه ڪري کين يرغمال بڻائي سندن معصوم ٻارڙي شاھد علي ٿھيم کي اغوا ڪري ويا آھن، جنھن جو اڃان تائين ڪوبه پتو پئجي ناھي سگھيو، ھنن الزام ھڻندي چيو ته بااثر ماڻھن پاران سندس پٽ کي اغوا ڪرڻ بعد اسان پاران پٽ کي بازياب ڪرائڻ لاءِ دانھون ڪرڻ تي 2 ڏينھن اڳ مڪلي عيد گاھه ويجھو مٿن حملو ڪري ذڪريا ٿھيم کي زخمي ڪيو آھي، جيڪو علاج ھيٺ آھي، پر پوليس سندن ڪابه مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، جنھن ڪري هنن مجبور ٿي پٽ کي بازياب ڪرائڻ ۽ کين تحفظ ڏيارڻ لاءِ ٺٽي جي عدالت ۾ 22 اي جي درخواست داخل ڪرائي آھي، ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته اغوا ٿيل سندن معصوم پٽ شاھد علي ٿھيم کي بازياب ڪرائي مٿن حملو ڪندڙ بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪري کين تحفظ مھيا ڪيو وڃي.