ٺٽو (رپورٽر) زميني تڪرار تان 2 مھينا اڳ ٺٽي جي درگاهه سخي شاهه گوھر گنج ڀرسان ڪچي آبادي مان بااثر ماڻھن پاران مبينا اغوا ڪيل نينگر شاھد علي ٿھيم جي امڙ امينا ۽ سندس مڙس ذڪريا ٿھيم ٺٽي ۾ احتجاج  الزام هنيو آهي ته زمين جي تڪرار تان شاھد علي کي بااثر اغوا ڪري قيد ڪري ڇڏيو آھي،  اسان جي معزز ماڻهن حاجي محمد ٿھيم، غلام نبي، خميسو، يونس ٿھيم ۽ ٻين خلاف عدالت ۾ 22 اي جي درخواست ڪئي ويئي آھي، اسان جي زمينن ۽ گھرن تي قبضا ڪري پنھنجي ئي گھرن ۽ ملڪيتن مان بيدخل ڪيو ويو آھي، ڳوٺ حاجي محمد حسين ٿھيم جي رھواسين ستار، عبدالله، نياز، محمد، جبار، عارب طيب، علڻ، سومار، شڪور، حاجي ٿھيم خلاف ٺٽي ۽ مڪلي ٿاڻن تي رپورٽ به درج ڪرائي ھئي، پر پوليس انھن خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، اختياريون نوٽيس وٺن.