ٺٽو (رپورٽر ) ٺٽي جي ڪينجهر ڍنڍ جي مياڻ کڏايون ويجھو ڳوٺ حاجي علي بخش منڇري ۾ اوچتو باھ لڳڻ سبب هتان جي رهواسي 5 پورهيتن گلزار منڇي، علي دوست، شاهو، عابدالدين ۽ ڪليم الله منڇري جا گھر  سڙي ويا، باهه سبب گهرن ۾ پيل هنڌ بسترا ، قيمتي سامان، ٻيڙين جو سامان ۽ مڇي مارڻ جا رڇ سڙي رک ٿي ويا، متاثر پورهيتن پاران چيو ويو آهي ته باھ لڳڻ سبب هو صرف پنهنجي گھر ڀاتين جون جانيون بچائي سگھيا آهن لکين رپين جو نقصان رسيو آهي، کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهيون، باھ متاثرن پاران ضلعي انتظاميه، ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چئيرمين ۽ ٻين وس وارو کان واهر جي اپيل ڪئي آهي.