ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي ضلعي جي روينيو کاتي جي ملازمن پاران 5 هين ڏينهن به مطالبن جي مڃتا لاءِ ضلعي جي سمورين روينيو کاتي جي آفيسن جي تالا بندي ڪري مڪلي ۾ ڊي سي آفيس آڏو ڪئمپ قائم ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ، ل روينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسيئشن ۽ سنڌ تپيدار ايسوسيئشن ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن رياض کوسو، موسيٰ ، فھد ٻٻر، اسماعيل ،غلام نبي ملاح ۽ ٻين چيو ته روينيو کاتي جي ملازمن کي احتجاج ڪندي 5 ڏينھن گذري ويا آھن، پر ڊي سي ٺٽو سندن مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ٺٽي ضلعي ٺٽي جي روينيو کاتي جي ملازمن کي اڃان تائين پروموشن به ناهي ملي سگهيو، جنھن ڪري ملازم سراپا احتجاج بڻجي آفيسن جي تالا بندي ڪري بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آھي، جتي ھو پنھنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ پرامن احتجاج جاري رکيو پيا اچن، ھنن گھر ڪئي ته روينيو کاتي جي ملازمن جا سمورا جائز مسئلا حل ڪري ملازمن جون جبري ٿيل بدليون واپس ڪرائي، سندن خلاف ڊي سي ٺٽو پاران شروع ڪيل انتقامي ڪاروايون بند ڪرائي کين پريشاني کان بچايو وڃي