ٺٽو ( رپورٽر ) عالمي انساني حقن جي تنظيم انٽرنيشنل هيومن رائيٽس موومينٽ جي اڳواڻ وفا اڪرم عباسي، سيد معراج شاهه، بشير شورو، سيد تشڪيل شاهه، وومين ونگ جي صدر بيبي ياسمين شاهه، جنرل سيڪريٽري حميرا علي، چيئرمين وقارالنساءَ ۽ ٻين سنڌ حڪومت جي ھيومن رائيٽس کاتي جي سيڪريٽري تحسين فاطما سان ملاقات ڪري کيس ضلعي ٺٽي ۾ انساني حقن جي ٿيندڙ خلاف ورزين بابت آگاھ ڪيو. ان موقعي تي هنن چيو ته انساني حقن جي ڀڃڪڙين بابت اسان جي تنظيم مثبت ڪردار ادا ڪري رھي آهي، هنن چيو ته ضلعي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تنظيم سازي جاري آهي، ضلعي ۾ يوٿ ونگ، قانوني ونگ، اقليتي ونگ، مذهبي ونگ، اسٽوڊنٽ ڊاڪٽر ونگ بھتر ڪم ڪري رھيا آھيون ان موقعي تي ريسرچ آفيسر اسڪالر نازيه ناز، افشان ، الطاف حسين تنيو، زاهد حسين ڏيٿو، فرحان شمس ميمڻ به ٻيا موجود هئا.