ٺٽي شھر جا رنگ ھزار … تو جي ڳاڙها جوڙا پاتا، ننگر شهر ۾ نير مهانگو …

0
24
ٺٽي شھر جا رنگ ھزار ... تو جي ڳاڙها جوڙا پاتا، ننگر شهر ۾ نير مهانگو ...

دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي معيشت جو دارومدار سياحت مان ٿيندڙ آمدني تي آھي. سجاڳ قومون سياحت جي واڌ ويجھ لاءِ پنھنجي ملڪ  ۾ امن امان برقرار رکڻ سان گڏ سفري سھولتن، سياحن جي کاڌ خوراڪ ۽ رھائش جي مسئلن جي حل لاءِ خوب کان خوب تر ڪوششون ڪنديون رھنديون آھن. انھيءَ سلسلي ۾ مختلف ملڪن پنھنجي تاريخي شھرن جي پراڻن علائقن کي محفوظ بنائڻ جون ڪوششون ورتيون آھن ته جيئن ايندڙ سياح سندن قديم طرزِ رھائش جو اڀياس ڪري  سگھن. مون پنھنجي اڳ شايع ٿيل ھڪ ڪالم ۾ مون ٺٽي شھر مان تقريبن گم ٿي ويل ماڙين وارين اڏاوتن جو ذڪر ڪيو ھو. ھنن ماڙين جي بنياد ۾ پٿر وڌو ويندو ھو، پلنٿ ڪاٺ جي رکي باقي سموري ماڙي ڇت سميت ڪاٺ جي خوبصورت اڏاوت تي نقش نگار سميت بيھاري ويندي ھئي. ديوارن کي چيڪي مِٽي (گچ) جو ليپو ڏنو ويندو ھو ۽ ڇت تي ھوا جي لاءِ منگهه پڻ ٺھيل ھوندا ھئا، جنھن ڪري مذڪوره ماڙيون گرمين ۾ سرد ۽ سردين ۾ گرم رھنديون ھيون، جنھن مان اسان کي ھن شھر ۾ موجود ماضي جي ماڙين واري  اڏاوتي ڪلچر ۽ پڻ ھتي جي ماڻھن جي اڏاوتي ڏاھپ جي خبر پوي ٿي. بدقسمتي سان  رياست جي لاپرواھي سبب سنڌ جي ٻين پراڻن شھرن جيان ٺٽي جو ھي پراڻو اڏاوتي ڍانچو ورھاڱي کان پوءِ ٻاھران ايندڙن کي ڪليم ۾ الاٽ ٿيڻ ۽ حڪومتي لاپرواھي سبب تقريبن ختم ٿي چڪو آھي. حڪومتي عدم توجھ جو نتيجو ھي نڪتو آھي، جو اھڙيون ڪيتريون ئي ماڙيون زمين دوز ٿي ويون آھن  ۽ اڄ انھن جو وجود ئي نٿو لڀي. شاھي بازار ۾ پراڻي نيشنل بئنڪ جي سامھون بمبئي ھوٽل جي شاندار پٿرن جي ٺھيل عمارت کي ٽوڙي نئون شاپنگ سينٽر ٺاھيو ويو ۽ ساڳي ھوٽل جي بلڪل سامھون اوڀر پاسي بازار ۾ ڪاٺياواڙي جاکرن کي الاٽ ٿيل ماڙي ھوندي ھئي، جنھن جي مٿان مسافر خانو ۽ ھيٺ ھوٽل ھوندي ھئي، جيڪا پڻ گھڻو اڳ ڊاھي پٽ ڪري نئين بلڊنگ ٺاھي وئي آھي.  اھڙين ڪيترين ئي پراڻين جاين تي ڪنڪريٽ جون بلڊنگون ٺھي چڪيون آھن. شھر پنھنجي تمدني تاريخ وڃائي رھيو آھي.

ٺٽي شھر، ٻاھرين حملي آورن جي ڏنل باھين، (پورچوگيزن جي ڦرلٽ کان پوءِ مرزا جاني بيگ (999ھ) خان خانان جي خوف کان پنھنجي پيءُ پائندھ خان ۽ سموري خاندان کي ڪلان ڪوٽ جي قلعي ۾ منتقل ڪرڻ کان پوءِ سموري شھر کي باھ ڏئي ساڙايو ھو ته جيئن شڪست جي صورت ۾ خان خانان کي سنڌ جي راڄڌاني ٺٽي شھر مان ڪجھ به پلئه نه پئجي سگھي)،  قدرتي آفتن (1955ع ۾ آيل سيلاب، جنھن ۾ ٺٽي شھر جي گهٽين ۾ ٻيڙيون ھليو ھيون) ۽ پنھنجن جي نالائقي سبب ھن شھر وڏو نقصان برداشت ڪيو آھي. وقت گذرڻ سان ھي خوبصورت تاريخي شھر  پنھنجي تاريخي سونھن وڃائي رھيو آھي.  ھن شھر ۾ اڄ به سياحت کي ترقي وٺرائڻ جي وڏي گنجائش موجود آھي. شھنشاھ شاھ جھان جي ٺھرايل بادشاھي مسجد، دبگير مسجد، مڪلي جو تاريخي قبرستان، ٿوري ئي  مفاصلي تي موجود ڪلان ڪوٽ جو قديم  قلعو (جيڪو ھاڻ مِٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي چڪو آھي) ۽ ڪلان ڪوٽ جي ڍنڍ، ساموئي جا قديم آثار، ڪينجھر ۽ ھاليجي جون ڍنڍون ۽ انھن سان لاڳاپيل قصا ۽ ڪھاڻيون ۽ سندن تاريخي ۽ نيم تاريخي پسمنظر،  سياحت جي شوقينن جو خاص ڌيان ڇڪائي سگھن ٿا، جن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي گنجائش موجود آھي. اسان جي ڌيان نه ڏيڻ سبب ڪيترائي تاريخي آثار آھستي آھستي ختم ٿيندا پيا وڃن. بادشاھي مسجد ويجھو  پلنگ پاڙي ۾ موجود، امير ابوالباقي/مسجد امير خاني تعمير (1039 کان 1040ھ) جي ھڪ قبائين خوبصورت مسجد پڻ ذري گھٽ زمين دوز ٿيڻ واري آھي. ويجھڙائي واري دور ۾ مڪلي جي تاريخي عيدگاھ کان ٺٽي شھر جي طرف ايندڙ روڊ جي اتر اولھ ٽڪري جي ڪنڊ تي موجود منيشيا ديوي/منگلي ديوي (ٺٽي جي نامياري محقق ڊاڪٽر محمد علي مانجھي صاحب  جو خيال آھي ته منگلي سنياسي فقيرن جو ھڪ فرقو ھو، جتان ھي  لفظ اڳتي ھلي مڪلي ٿيو آھي) جو ھڪ شاندار مندر موجود ھوندو ھو، جيڪو ستر واري ڏھاڪي تائين مڪلي جي لينڊ اسڪيپ کي چار چنڊ لڳايو بيٺو ھو. افسوس آھي جو سار سنڀال نه ٿيڻ سبب اڄ ھي مندر پڻ منظر تان غائب ٿي چڪو آھي. خود ٺٽي شھر جو پنھنجو لينڊ اسڪيپ به خوبصورتي ۾ ڪنھن شھر کان گھٽ ڪونھي. مڪلي ٽڪري تان اڀرندڙ ۽ لھندڙ سج جو دلڪش نظارو ڪنھن شاعر جي جذبن کي اتساهه ڏيڻ لاءِ ڪافي آھي. مير علي شير قانع ٺٽوي ماضي ۾ ٺٽي شھر ۽ مڪلي ٽڪري جي وچ ۾ موجود خوبصورت ڍنڍن جو ذڪر ڪري ٿو. ان وقت شھر جا ماڻھو ٻارين ٻچين انھن ڍنڍن تي اچي آسيس وٺندا ھئا. ڪلان ڪوٽ جي ڍنڍ ۽ اتي موجود تپسيا جا آثار پڻ ٻڌائين ٿا ته پنھنجي دور جو ھي ھڪ مشھور ڌرمي ماڳ رھيو ھوندو. صاحب اختيار ٿوري به توجهه ڏين ته ھتي ھڪ بھترين تفريح گاھ، ۽ ٻارڙن لاءِ سھڻو فن لينڊ ٺھي سگھن ٿا. ٺٽي شھر جو پنھنجو منفرد مزاج آھي. مختلف وقتن ۾ ٺٽي جي ماڻھن ٻاھرين حملي آورن جي بربريت برداشت ڪندي پڻ ڪجھ قديم روايتن کي، اڄ به زنده رکيو آھي. انھن روايتن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ سان گھٽ ۾ گھٽ تاريخ جي شاگردن کي وڏو مواد ملي سگھي ٿو.

     انگلستان جي انگريزن جي باري ۾ عام خيال آھي ته اھي روايت پسند/ قدامت پسند قوم آھن، جيڪي جديد آسائش واري زندگي گذارڻ باوجود علامتي طور ڪجھ قديم روايتن کي برقرار رکندا پيا اچن، جن مان سندن شاھي خاندان (بادشاھت) جي پروٽوڪول جو مثال ڏيئي سگھجي ٿو. ايئن ئي ٺٽي ۾ ھر عيد تي نڪرندڙ علامتي نوابي جلوس انھيءَ جو ھڪ مثال آھي، جنھن ۾ علامتي نواب، بادشاھي لباس پھري دھلين دمامين ۽ لائو لشڪر سان سينگاريل گھوڙي تي سوار ٿيندو آھي، پويان سندس خاندان جا علامتي شھزادا گھوڙن تي سوار ھوندا آھن. سموري شھر جو گشت ڪري مڪلي جي تاريخي عيدگاھ تي نماز لاءِ پھچندا آھن. نماز کانپوءِ ساڳي جلوس جي شڪل ۾ پنھنجن گھرن ڏانھن روانا ٿيندا آھن. ٺٽي جي نوابي جلوس جي باري ۾ ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي صاحب پنھنجي ڪتاب “ننگر ٺٽي جو سماج” ۾ مفصل ۽ دلچسپ انداز ۾ ذڪر ڪيو آھي. ياد رهي ته ھي جلوس ڪنھن ھڪ خاندان جي پروٽوڪول ۾ نه پر طاقت جي علامت طور ڪڍيو ويندو آھي. ھي ھڪ منفرد ۽ دلچسپ رسم آھي، جيڪا ٺٽي جي ماضيءَ جي اوج طرف اشارو ڪري ٿي. موجوده شيرازي نوابن کان اڳ ھي ذميواري  مختلف خاندانن؛ خاص ڪري آبداڻي پاڙي وارا پڻ نباھيندا ھئا. ھتي ھي واڌارو ڪجي ٿو ته خان صاحب مزار خان جوکيو  (وفات 1911ع – مدفن جنگشاھي پير) جيڪو انگريز دور جو ھڪ سگھارو پوليس آفيسر ھو، ھڪ سال ٺٽي جو نواب بڻيو ھو. مزار خان جوکئي کي انگريز سرڪار ديھ پيرجھاڙيون ۽ ديھ ھالڪي (تعلقو ميرپور ساڪرو) ۾ 500 ايڪڙن جي جاگير پڻ  عطا ڪئي ھئي. کيس اولاد نه ٿيو، جيڪا بعد ۾ سندس گھرواريءَ جي نالي منتقل ٿي ۽ “مائي کتوءَ جي جاگير” جي نالي سان سڏبي ھئي. باقي سندس ٻيا خاندان وارا ھن وقت ٺٽي جي مشھور ڳوٺ مالماڙي ۾ رھائش پذير آھن. نوابي جلوس مغليه دور جي ٺٽي ۾ مقرر ٿيل نوابن جي جاه جلال جو ھڪ علامتي اظھار آھي. منھنجي خيال موجب سموري سنڌ ۾ انھيءَ قسم جو علامتي نوابي جلوس ڪنھن ٻئي شھر ۾ نه ٿو نڪري. سواءِ ٺٽي جي. جڏھن ته ساڳي مغليه دور ۾ سيوھڻ، بکر ۽ ملتان پڻ اقتدار جا وڏا مرڪز رھيا آھن، پر اتي منھنجي محدود ڄاڻ موجب اسان کي اھڙي قسم جي ڪا به رسم نٿي ملي. جيڪڏھن ڪا اھڙي رسم آھي به ته اھلِ قلم جي رھنمائي درڪار آھي.

علم الانسان جي شاگردن کي عمومن سنڌ جي سمورن شھرن، خاص ڪري ٺٽي مان اھڙيون ڪيتريون ئي ريتون رسمون ۽ روايتون  ملنديون، جن تي وڌيڪ تحقيق ڪري شھر جي  سماجي/طبقاتي ارتقاء جا گمنام گوشا ظاھر ڪري سگھجن ٿا. ضرورت آھي ته تاريخ جي ڪٻاڙ خاني جي ڇنڊ ڦوڪ ڪري اھڙين دلچسپ حقيقتن کي سامھون آندو وڃي.

70ع واري ڏھاڪي تائين ملڪ ۾ جڏھن اڃان  امن امان ھو، تڏھن غير ملڪي سياحن جا ٽولا بي خوف ٿي ٺٽي جي گھٽين،  قديم آثارن، قبرستانن ۽ شاھي بازار ۾ گھمندي نظر ايندا ھئا (زرعي سماجن کي سمجھڻ لاءِ ضروري آھي ته ٻهراڙين سان گڏ ننڍن شھرن جي بازارين جو گھري نظر سان مشاھدو ڪجي، جتي اسان کي زرعي سماج  جا سمورا پرت نج ۽ نبار صورت ۾ نظر ايندا آھن.)

ٺٽو شھر ۽ مڇي مانيءَ جو ذڪر نه ٿئي ته وڏي زيادتي ٿيندي. موجودہ مائي قدم مسجد وٽ مائي ‘سھت’ جي ھوٽل جي مڇي ماني جو سواد ئي پنھنجو ھوندو ھو. اها ھوٽل اڄ به موجود آھي، جيڪا پراڻي روايت برقرار رکيو پئي اچي. ستر واري ڏھاڪي تائين ٻھراڙي مان ايندڙ مسافرن لاءِ موجوده پريس ڪلب جي سامھون ڪيتريون ئي جھوپڙا ھوٽلون ھونديون ھيون، جتي ڳاڙھن چانورن جي ماني ۽ دَيا مڇي ماڻھن جي مرغوب غذا ھوندي ھئي. سمورو وقت چھچٽو لڳو پيو ھوندو ھو. ھي سمورا رنگ ھاڻ تقريبن ختم ٿي رھيا آھن. ٺٽي جي سونارا بازار جي منڍ تي، ڦول چوڪ تي گلن جو ڪاروبار ٿيندو ھو، جتي ھر وقت موتئي ۽ گلابن جي ھٻڪار ھوندي ھئي. ھن خوشبوءِ جي ڪاروبار ۾ اڪثريت زائفائن جي ھوندي ھئي. ساڳي وقت سونارا بازار جي منھن تي ھڪ شربت وارو بيھندو ھو، جيڪو ذات جو سمون ھو. سندس رنگين شربت ۽ “پيو شربت ٺنڊي ٺار” جا ھوڪا ڪلھن تي رکيل وڏي صراحيءَ مان شربت جو گلاس ڀرجڻ  ۽ واپس صراحي جو شربت کي پيئڻ، ٻارڙن لاءِ عجيب ۽ پر اسرار  منظر ھوندو ھو. رات جي ٽائيم تي ميونسپالٽي پاران ٻاريل فانوسن جي ميرانجھڙي روشني، اڀيچند، سرمد، آخوند صالح ۽ سيد حسام الدين شاھ راشدي جي  ھن محبوب شھر، ٺٽي  جي راتين جي خماريل  منظر کي وڌيڪ سحر انگيز بنائي ڇڏيندي ھئي. آھستي آھستي ھي سمورا منظر ڌنڌلائجي رھيا آھن. اسان جي تاريخ اسان جي  نئين نسل لاءِ اوپري بنجي رھي آھي. ھاڻ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سياح پوليس جي پھري ۾ ڪراچي کان نڪري ٺٽي يا سنڌ جي ٻھراڙي جي ٻين علائقن طرف منھن ڪري ٿو، نه ته  ھر طرف ‘ڪڪڙو تو’ لڳي پئي آھي. ٺٽي جي شھر جي ھر پاڙي، گھر ۽ ھر گھٽي جي  ھيٺيان اسان کي سنڌ جي تاريخ دفن ٿيل ملندي. شھر جي قديم پاڙن جي ھيٺان دفن ٿيل ڪئين راز اڄ به پنھنجو پاڻ کي ظاھر ڪرائڻ لاءِ ڪنھن نوجوان محقق جا منتظر آهن.