ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي شهر جي انساني آبادي وارن علائقن ۾ غير قانوني قائم ڪيل فلنگ اسٽيشنن توڙي دڪانن تي روينيو عملدارن ڇاپا هڻي 8 دڪانن کي سيل ڪري ڇڏيو، مختيار ڪار مقصود جوکيو ۽ اسسٽنٽ مختيار ڪار عبدالعزيز ميمڻ جي اڳواڻي ۾ انساني آبادي وارن هنڌن تي غير قانوني طور تي قائم ڪيل ايل پي جي دڪانن توڙي فلنگ اسٽيشنن تي ڇاپا هڻي ڪيترائي ايل پي جا دڪان سيل ڪيا ويا، ڊپٽي ڪمشنر ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.