ڪيٽي بندر(رپورٽ: آدم جانيارو) ڪيٽي بندر ۽ ڀرپاسي جي علائقي ۾ مٺو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي، علائقي ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، اڏيرو برانچ مان نڪرندڙ ٺٽي ضلعي جي ٽن تعلقي ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ ۽ گھوڙا ٻاري جي 8  شاخن ۾گذريل پنجن مھينن کان پيئڻ ۽ زرعي پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنھن ڪري ڪيٽي بندر،کارو ڇاڻ ۽ گھوڙا ٻاري  جي 80 سيڪڙو آبادي  جانورن سان گڏ دٻن مان گڏ پاڻي پئيڻ تي مجبور بڻيل آهي، علائقي واسي پاڻي لاءِ پريشاني ۽ ڏکن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته ھزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پڻ سوڪڙي جو شڪار ٿي ٿي تباهه ٿي ويو آهي، پاڻي جي مسلسل کوٽ ۽ پاڻي جي نه اچڻ سبب فصل کارو ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر جا ڪافي ڳوٺاڻا پنھنجا گھر خالي ڪري شھرن ڏانھن لڏپلاڻ ڪري رھيا آھن، جڏهن ته ھينڊ پمپن جو پاڻي به کارو ٿي ويو آهي، جر جو پاڻي پڻ ختم ٿي ويو آهي، مٺي پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب ڪيٽي بندر،کارو ڇاڻ  ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. هٿان جي رهواسين جو چوڻ آهي ته اسان انتهائي رحم جوڳي زندگي گزاري رهيا آهيون، سنڌ حڪومت ۽ ضلعي اختياريون نوٽيس وٺي جياپي لاءِ پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪري انساني آباد ۽ چوپائي مال کي اڃ مرڻ کان بچايو وڃي.