ٺٽو (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي روشن سنڌ پروگرام هيٺ ٺٽي جي 6 هزار 6 سئو 66 غريب خاندانن ۾ سولر انرجي منصوبي تحت سولر پئنل ورهائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ان ڏس ۾ ٺٽي ضلعي جي 4 تعلقن ٺٽو ، ميرپورساڪرو، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق عورتن ۾ سنڌ حڪومت پاران سنڌ سولر انرجي پروگرام (سوجھرو) هيٺ 21 هزارعورتن کي سولر پئنل ڏيڻ جي سلسلي ۾ مرحليوار ٺٽي جي 6 هزار 6 سئو 66 عورتن جي گھرن کي روشن ڪرڻ لاءِ مڪلي ۾ ضلعي انتظاميه ۽ هينڊز پاران تقريب منعقد ڪئي وئي ان موقعي تي ايم پي اي سيد رخسانه شاھ بخاري ، ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چئيرمين عبدالحميد پنهور ، پ پ جي ضلعي ٺٽي جي جنرل سيڪريٽري امتياز احمد ، اڳوڻي ايم پي اي امتياز شاھ شيرازي ، ڊي سي ٺٽي منور عباس سومرو ، هينڊز جي محمد رحيم مري ، محبوب لنڊ ۽ ٻين خطاب ڪيو