ٺٽو ( رپورٽر ) ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين عبدالحميد پنهور چيو آهي ته ٺٽي جي عوام جي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪيو پيو وڃي، ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي آفيس ۾ ساڻس ملاقات لاءِ مختلف يونين ڪائونسل جي عوامي نمائندن عبدالخالق سومرو ، حاجي معشوق شفيع ٻٻر ، عبدالرحمٰن خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آيل وفدن سان ڳالهائيندي هن چيو ته ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي 40 ئي يونين ڪائونسلن جي چونڊيل نمائندن سان گڏجي هتان جي بنيادي مسئلن پيئڻ جي پاڻي، پاڻي جي تلائن ، روڊن، رستن سان گڏ ڊسپينسرين جي ڄار کي وسيع ڪري عوام کي سهولتون مهيا ڪري رهي آهي، هن چيو ته سندس ڪوشش آهي ته سندس آفيس جا دروازا عوام جي خدمت لاءِ کليل هجن ته جئين ضلعي واسين جي فوري مسئلن کي حل ڪري سگھجي.