ٺٽو(رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) ٺٽي ۾ قرباني لاءِ مال پڙين ۾ جانورن جي خريداري ۾ تيزي اچي وئي آهي، جڏهن ته قيمتن ۾ واڌ هجڻ ڪري جانور خريد ڪندڙن کي سخت پريشانين جو پڻ منهن ڏسڻُ پئجي رهيو آهي. ان ڏس ۾ ٺٽي جي مال پڙي ۾ جانورن جي خريداري لاءِ آيل ٺٽي ۽ ٻين علائقي جي رهواسين گل محمد، رمضان، محمد خان، محمد عثمان، وقاص ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جانورن جي واپارين عيد جي ويجھي ايندي ئي چانورن جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته قرباني سنت ابراهيمي آهي ۽ قرباني ڪرڻ به ضرور آهي پر واپاري 20 هزار واري ٻڪري جا 50 کان 50 هزار ۽ گابي جي ڏيڊ لک کان اڍائي لک تائين وٺي رهيا آهن، جنهنڪري قوت خريداري گھٽ رکندڙ خريدار ڄاڻايل اگھن ۾ قرباني جي جانورن جي خريداري کان قاصر آهن، هنن چيو ته مهنگائي ضرور آهي، پر واپارين کي گھرجي ته هو قرباني جي جانورن جي وڪري جا اگھه مناسب رکن ته جيئن خريدار جانورن جي خريداري ڪري عيد واري ڏينهن سنت ابراهيمي پوري ڪري سگھن، هوڏانهن مال جي پڙي ۾ عيد جي جانورن وڪرو ڪندڙ واپارين پڻ مهنگائي جو جواز ڄاڻائيندي چيو آهي ته جانورن جي کاڌ خوراڪ تي هنن گھڻو پئسو خرچ ڪيو آهي، هنن چيو ته هو سڄو سال جانورن کي سٺي مقدار ۾ کاڌ خوراڪ ۾ شامل گيھ ، گاھ ، چڻا ، بادام وغيره کارائين ٿا جيڪي الائي مهانگا آهن هنن چيو ته في جانور تي سندن چڱو خاصو خرچ اچي وڃي ٿو هنن چيو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين جي شهرن جي جانورن جي منڊين کان هو گھٽ اگھه تي سٺا جانور وڪرو ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهنگائي سبب هن ڀيري جانورن جي خريداري اها ڪانهي جيڪا اڳ هوندي هئي هنن چيو ته هنن کي مال جي پڙين ۾ جانورن کي بيهاريندي به گھڻي خرچ جو بوج برداشت ڪرڻو پوي ٿو، هوڏانهن ٺٽي جي مال پڙي وارن جو اهو چوڻ آهي ته هو مال جي واپارين کي مال پڙي ۾ پاڻي بجلي جي سهولت فراهم ڪرڻ سان گڏ جڳھه ڏين ٿا، جڏهن ته ان عيوض هو وڏي جانور جا واپاري ۽ خريدار کان 3 هزار ۽ ٻڪري توڙي ننڍي جانور جا خريدار ۽ واپاري کي صرف 6 سئو رپيا وٺندا آهن .